شڪارپور سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي وڏي وزير قائم علي شاهه جون سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهيون

وڏي وزير قائم علي شاهه سکر جي مختلف اسپتالن ۾ شڪارپور ڌماڪي جي زخيمن جي عيادت ڪئي، وڏي وزير چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي، جلد دهشتگردن جو پاڙون پٽيون وينديون.

  وڏي وزير قائم علي، صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر ۽ ٻين سان گڏ سکر جي خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ شڪارپور سانحي جي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ کين بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته شڪارپور سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي، واقعي دوران فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو.

  وڏي وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي.

 قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته صوبي جي تعليمي ادارن کي سڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي.

صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون حاصل آهن، ڪراچي منتقل ڪيل زخمين جي به مڪمل سار سنڀال ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*