ڪرم ايجنسي ۾ مسافر وين ۾ ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جوانگ وڌي14 ٿي ويو آهي

jhurram egency

ڪرم ايجنسي ۾ مسافر وين ۾ ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جوانگ وڌي14  ٿي ويو آهي، جڏهن ته  20 کان وڌيڪ مسافر زخمي آهن.

گودر واري علائقي ۾ مسافر وين ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 5 ڄڻا مارجي ويا،  ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا.

پولٽيڪل انتظاميه موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل مسافرن کي سدا اسپتال منتقل ڪيو ويو  جتي وڌيڪ 9 زخمي فوت ٿي ويا، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي.

انتظاميه موجب مارجي ويلن ۾ هڪ عورت ۽ 6 ٻارڙا شامل آهن.جڏهن ته زخمين مان ڪجهه ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌاائي پئي وڃي.

واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پولٽيڪل انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو  آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ريسڪيو لاءِ خصوصي ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر پاره چنار روانا ڪيا ويا آهن، ايم آءِ هيلي ڪاپٽرن ذريعي زخمين کي پشاور پهچايو ويندو.

وفاقي گهرو وزارت پاران قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ………………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*