ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي سڀني شقن تي تي عملدار آمد ڪيو وڃي

farooq  sattar

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي  سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي سڀني شقن تي تي عملدار آمد ڪيو وڃي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته رينجرز پاران اردو بازار ۾ بروقت ڪارروائي ڪري شهر کي وڏي تباهي کان بچايو آهي، ان عمل جي جيتري به ساراهه ڪجي گهٽ آهي.

متحدا پاڪستان اڳواڻ چيو ته نيب صرف نالي جي جاڇ پئي ڪري، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ٺاهي 180 ارب روپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي.

فاروق ستار چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته جنهن قرص ورتو ۽ واپس نه ڪيو ته ان کي نااهل ڪيو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته وزير اعظم کي جي آءِ ٽي معاملي جي شفافيت لاءِ حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*