وزير اعظم نواز شريف ڊان ليڪس جي رپورٽ ملڻ بعد پرڏيهي معاملن بابت پنهنجي خاص معاون طارق فاطمي کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي آهي

pm chodhry nisar

وزير اعظم نواز شريف ڊان ليڪس جي رپورٽ ملڻ بعد پرڏيهي معاملن بابت پنهنجي خاص معاون طارق فاطمي کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي آهي، ذريعن موجب ڊان ليڪس جي جاچ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد خلاف پڪيون شاهديون نه مليون آهن.

ذريعن موجب اسلام آباد ۾  وزير اعظم سان وفاقي گهرو وزير نثار  چوڌري نثار ۽ پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون طارق فاطمي ڌار ڌار ملاقات ڪري ڊان ليڪس سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته چوڌري نثار پاران وزير اعظم کي پيش ڪيل ڊان ليڪس جي رپورٽ ۾ طارق فاطمي ۽ پرنسيپل انفارميشن آفيسر رائو تحسين کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

ذريعن موجب ڊان ليڪس جي رپورٽ ملڻ کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف طارق فاطمي کان استعفيٰ طلب ڪري ورتي  آهي ۽ رائو تحسين کي به عهدي تان هٽائڻ جا امڪان آهن.

ذريعن موجب ذريعن موجب ڊان ليڪس جي جاچ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد خلاف ٺوس شاهديون نه مليون آهن.

ڊان ليڪس جو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ وفاقي سرڪار سڌ سماءَ واري اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد کان استعيفي ورتي هئي.

ڊان ليڪس واري معاملي جي جاچ لاءِ جسٽس رٽائرڊ عامر  رضا جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*