سپريم ڪورٽ حيدرآباد- ميرپورخاص ٽول پلازه جا پراڻا ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ حيدرآباد- ميرپورخاص ٽول پلازه جا پراڻا ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ٽول پلازه جي آسپاس رهندڙن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهندو.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ سنڌ حڪومت ۽ خانگي ڪمپني جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت درخواستن جي ٻڌڻي دوران ميرپورخاص- حيدرآباد ٽول پلازه جا پراڻا ٽيڪس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ٽول پلازه جي ڀرپاسي رهندڙ ماڻهن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو  برقرار رهندو.

عدالت سنڌ حڪومت کي حڪم ڏيندي چيو ته هڪ ڪميٽي جوڙي ٻن هفتن ۾ ٽيڪس جي صحيح طريقيڪار بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*