ڪنڊياري ويجھوٻارڙي سميت 3ڄڻا کوهه ۾ٻڏي ويا، هڪ جو لاش ڪڍيو ويو، ٻن ڄڻن جي ڳولا جاري آهي

kandiyaro

 ڪنڊياري ويجھوٻارڙي سميت 3ڄڻا کوهه ۾ٻڏي ويا، هڪ جو لاش ڪڍيو ويو، ٻن ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.جڏهن ته انتطاميا پاران سهڪار نه ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهروڪيو آهي.

ڪنڊياري جي ڳوٺ شهمير ديري ۾ 3 ڳوٺاڻا سراج ڪلهوڙو، شبير ڪلهوڙو ۽ ٻارڙو عذير ڪوري کوهه ۾ڪري ٻڏي ويا.

اطلاع تي ٻين ڳوٺاڻن پهچي هڪ ڳوٺاڻي سراج ڪلهوڙي  جو لاش هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته ٻارڙي عذير ڪوري ۽ شبير ڪلهوڙي جو پتو پئجي نه سگھيو، جن جي ڳوٺاڻن طرفان ڳولا جاري آهي.

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته 8 ورهين جو عذير ڪوري کوهه ۾ ڪري پيو، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي سراج ڪلهوڙو ۽شبير ڪلهوڙو هڪٻئي پٺيان ٻڏي ويا.

………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*