سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جي فنڪشنل ليگ تي سخت تنقيد

sindh assembly

 سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جي فنڪشنل ليگ تي سخت تنقيد، فنڪشنل ليگ جو پ پ جي ميمبرن ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رويي خلاف سخت احتجاج ، اسيمبلي ۾ گوڙ سبب  اسپيڪر آغا سراج  دراني اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾پ پ جي نئين چونڊيل ايم پي اي ڄام مدد حلف کنيو، پيپلز پارٽي جي نئين چونڊيل ايم پي اي ڄام مدد علي کي پ پ  جي ميمبرن پاران مبارڪ باد ڏيندي ف ليگ تي ڇتي تنقيد ڪئي جنهن تي ف ليگ جي ميمبرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو.

ايوان ۾ نثار کهڙو پاران پير پاڳاري جو نالو وٺڻ کان سواءِ تنقيد ڪندي چيو ته ڄام مدد علي کي هٿ ٻڌڻ واري غلامي مان آزادي تي مبارڪ هجي.

هن چيو ته  ڄام مدد علي پنهنجي حيثيت مڃرائي ٻين کي حيثت ڏيکاري ڇڏي آهي، سانگهڙ ۾ اڄ به اسان جي اڪثريت آهي.

قانون واري صوبائي وزير ضياءُ النجار چيو ته اليڪشن ۾ هڪ معصوم جي جان وئي، ان جي جاچ شفاف نموني ڪرائي وڃي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ورڪر سان انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ شهيد ٿيندڙ ڪارڪن جي جاچ شهيد بينظير آباد ۾ ٿيڻ گهرجي.

پ پ جي ميمبرن ۽ وزيرن پاران ف ليگ تي تنقيد کان پوءِ فنگشنل ليگ جي ميمبرن پاران ايوان ۾ گور ڪرڻ سبب اسپيڪر اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*