آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته آئون پنهنجي بحاليءَ لاءِ عدالت نه ويو هيس

Ig-Sindh-AD-Khuwaja-17317

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته آئون پنهنجي بحاليءَ لاءِ عدالت نه ويو هيس، شهرين جي درخواست تي ڪيس هلي رهيو آهي ۽ آئون عدالتي حڪم تحت ڪم ڪري رهيو آهيان، ضابطن ۽ طريقيڪار تحت مون کي حڪم مليو ته عهدو ڇڏڻ ۾ هڪ  منٽ جي به دير نه ڪندس.

اي ڊي خواجا اهڙو اظهار ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران صحافين پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. آءِ جي سنڌ چيو ته آئون پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو عهدو ڇڏي نه ٿو سگهان، ڇاڪاڻ ته معاملو عدالت ۾ هلي رهيو آهي ۽ عدالت ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته منهنجو ڪنهن سان به اختلاف نه آهي، ڪنهن کي مون سان اختلاف آهي ته ان کان سوال ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*