سنڌ اسيمبلي کانپوءِ ڪي پي اسيمبلي ۾ وزير اعظم نواز شريف جي استعيفيٰ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي

kpk assembly

سنڌ اسيمبلي کانپوءِ ڪي پي اسيمبلي ۾ وزير اعظم نواز شريف جي استعيفيٰ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي، ٺهراءُ منظوري دوران مخالف ڌر سخت احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو نعريبازي ڪئي.

ڪي پي اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر حيدر علي وزير اعظم نواز شريف جي استعيفيٰ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اڪثريت راءِ سان منطوري ڏني وئي.

حڪومتي ڌر پاران وزير اعظم جي استعفيٰ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪرڻ دوران مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو نعريبازي ڪئي، جڏهن ته هڪ عورت ميمبر ايوان ۾ آندل لٺ گهمائيندي نعريبازي ڪندي رهي.

ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي استعيفيٰ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو، جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبليون وزير اعظم جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪري چڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*