تحريڪ انصاف ڊان ليڪس بابت ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي

naeem ul haq

تحريڪ انصاف ڊان ليڪس بابت ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته وفاقي گهرو وزارت ۽ وزيراعظم هائوس پنگ پانگ کيڏڻ بدران رپورٽ قوم اڳيان پيش ڪن.

 اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڪنهن اصل مجرم  جي پڪڙجڻ جا امڪان گهٽ آهن، پر اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڇا ڪميشن وزيراعظم ۽ سندس ڌي کان به ڪا جاچ ڪئي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن وزيراعظم ۽ سندس ڌي جا بيان رڪارڊ نه ڪيا ويا آهن ته پوءِ سڄو تماشو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان  چيو ته ڊان ليڪس معاملي ۾ ٻئي ۽ ٽئين درجي جي ڪردارن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي اصل ذميدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

نعيم الحق چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ وانگر هن رپورٽ کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سخت مزاحمت ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*