پ پ پاران سنڌ ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف سڀاڻي کان وفاقي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

nisar khoro pc

         پ پ پاران سنڌ ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف سڀاڻي کان وفاقي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته احتجاج جي شروعات سڀاڻي  ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار آڏو ڌرڻي سان ڪئي ويندي.

            پ پ سنڌ جي صدر ۽ صوبائي وزير نثار کهڙي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران احتجاج جي شيڊيول جو اعلان ڪيو.

        نثار کهڙي  چيو ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج جي شروعات سڀاڻي  ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار آڏو ڌرڻي سان ڪئي ويندي، جنهن بعد حيدرآباد ۾30 اپريل، ۽ لاڙڪاڻي ۾ 6 مئي تي ڌرڻو هڻنداسين.

صوبائي وزير چيو ته ميرپور خاص ۾11مئي تي ، شهيد بينظير آباد ۾  16 مئي تي، جڏهن ته سکر  ۾ 21 مئي تي ڌرڻو  هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*