ڊيرا مراد جمالي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 2 عورتن سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڊيرا مراد جمالي ڀرسان عمراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 2 عورتن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، پوليس موجب جوابدار بندوق جا فائر ڪري پنهنجي زال، سس ۽ سُهري کي قتل ڪيو آهي.

 بابا ڪوٽ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن عمراڻي برادري جي ماڻهن جي گهر تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسمات الهه بچائي، صنم ۽ نوجوان صاحب خان عمراڻي مارجي ويو.

پوليس پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان لاش ضروري ڪارروائين بعد وارثن حوالي ڪيا  ويا  آهن.

پوليس موجب، جوابدار قيهر عمراڻي فائرنگ ڪري پنهنجي زال، سس ۽ سُهري کي قتل ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*