آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين جو اهم دور اڄ ٿي رهيو آهي اسحاق ڊار پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو

آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ قرض جي ڇهين قسط جي منظوري لاءِ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين جو اهم دور اڄ ٿي رهيو آهي، پاڪستاني وفد جي قيادت ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ڪندو.

دبئي ۾آءِ ايم ايف جي جائزي مشن سان ڳالهين ۾پاڪستان جي نمائندگي لاءِ ناڻي واري وزارت جي ٽيڪنيڪل ٽيم جو سيڪريٽري اڳواٽ ئي  پهتل آهي، ڳالهين ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو.

ڳالهين دوران پاڪستان جي گذريل ڇهن مهينن واري معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان لاءِ قرض جي ڇهين قسط جي منظوري ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*