لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ ٿڌ  ۾ واڌ ٿي وئي آهي، نوشهرو فيروز ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڳڙي سان برسات پئي آهي، جڏهن ته برسات سبب موهن جي دڙي جي قديم آثارن کي نقصان پهتو آهي.

لاڙڪاڻي، رتَيديري، نئِين ديري، باڊهه ۽ ميروخان، ڏوڪري سميت ضلعي جي ٻين  علائقن ۾ برسات سبب هيٺانهِين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي.

ڀريا سٽي، ڀريا روڊ، مٺياڻي، محرابپور، ڪنڊيارَي، واهي پانڌي،   ٺارو شاهه، خانواهڻ، لعلو رائينڪ، درٻيلَي ۽ ڀرٽي ۾  ڳڙي سان  تيز برسات کانپوءِ ٿڌ جي لهر ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

خيرپور جي پيرڳوٺ، هڱورجا، احمدپور، گمبٽ، سوڀوديرو ۽ پريالوءِ سميت مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.

شڪارپور جي مديجي ۽ ڊکڻ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات کانپوءِ ٿڌ جي لهر ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ گرم شين جي وڪري ۾ به اضافو ٿي  ويو آهي.

دادو ضلعي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب اڪثر علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته تفريحي ماڳ گورک هِل اسٽيشن تي تيز برسات ۽ برفباري سبب ٽڪرِي جي سونهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي ۽ مختلف تعلقن ۾ بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو.

بلوچستان جي اوستا محمد ۽ گنداواهه سميت ٻين علائقن ۾ پڻ سياري جو وسڪارو ٿيو آهي، جنهن سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي اڪثر ضلعن ۾ زوردار برسات کانپوءِ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.

آبادگار طبقي جو چوڻ آهي ته سياري جو هيءُ وسڪارو ڪڻڪ جي فصل لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، جڏهن ته ڀاڄِين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

برسات جي وسڪاري سبب موهن جي دڙي ۾ قديمي آثارن کي به نقصان رسيو آهي، ڊي ڪي ايريا، ايڇ آر ايريا ۾ پاڻي بيهي رهيو آهي، پر انتظاميا ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*