سنڌ حڪومت پاران پابندي مڙهيل تنظيم جي اسحاق بوبي ۽ عاصم ڪپري سميت 6 دهشتگردن جا ڪيس فوجي عدالت موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

amjad-sabri

سنڌ حڪومت پاران پابندي مڙهيل تنظيم جي اسحاق بوبي ۽ عاصم ڪپري سميت 6 دهشتگردن جا ڪيس فوجي عدالت موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

گهرو سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سي ٽي ڊي جي ايڊيشنل آءِ جي ثناالله عباسي ۽ جاچ جي ايس ايس پيز سميت لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ معروف قوال امجد صابري، فوجي جوانن سميت پوليس اهلڪارن جي قتل وارا ڪيس فوجي عدالت موڪلڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

اجلاس ۾ 2 هاءِ پروفائيل ڪيس اسحاق بوبي ۽ عاصم ڪپري جا ڪيس به فوجي عدالت ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*