بلوچستان جي سوئي واري علائقي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بي آر اي سان واسطو رکندڙ ناليواري فراري ڪمانڊر وزير جان عرف نائب پنهنجي 7 ساتين سميت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن

balochistan

بلوچستان جي سوئي واري علائقي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بي آر اي سان واسطو رکندڙ ناليواري فراري ڪمانڊر وزير جان عرف نائب پنهنجي 7 ساتين سميت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن.

7 فرارين چيف آف بگٽي جي پٽ حاجي خان بگٽي جي موجودگي ۾ هٿيار فٽا ڪيا، جنهن هٿيار فٽا ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته  فراري 11 سالن کان جبلن تي پابندي مڙهيل تنظيم بي آر اي لاءِ ملڪ دشمن ڪارروايون ڪري رهيا هئا.

هٿيار فٽا ڪندڙ فرارين وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به پيش ڪيو.

ذريعن موجب فراري گيس پائيپ لائينن ۽ تنصيبات سميت پنجاب ۾ ريلوي ٽريڪ ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*