قومي اسيمبلي جي حڪومتي خاطرين واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪراچي ۾ غير قانوني طورتر سيل پرڏيهين بابت گهرو وزارت ۽ سيفران جون پورٽس رد ڪري ڇڏيون آهن

National-Assembly-3217

قومي اسيمبلي جي حڪومتي خاطرين واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪراچي ۾ غير قانوني طورتر سيل پرڏيهين بابت گهرو وزارت ۽ سيفران جون پورٽس رد ڪري ڇڏيون آهن،اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر شيخ صلاح الدين اجلاس دوران انڪشاف ڪيو ته ڪراچي  ۾ ڪجهه اهڙا به علائقا آهن، جتي رينجرز به نه ٿي وڃي سگهي.

قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين محمد افضل کوکر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران گهرو وزارت ۽ سيفران پاران  ڪراچي مان غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين بابت رپورٽس  پيش ڪيون، جن کي ڪميٽي  رد ڪري ڇڏيو.

اجلاس دوران پ پ ايم اين اي شگفتا جماڻي چيو ته ڪراچي مان غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن.

ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن  چيو ته ڪراچي مان غيرقانوني طور پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ 4 سالن کان رڳو خاطري ڪرائي پئي وڃي.

ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ صلاح الدين حڪومتي ميمبرن کي ڪراچي اچڻ جي آڇ ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه اهڙا به علائقا آهن، جتي رينجرز به نٿي وڃي سگهي.

شگفته جماڻي سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ خلاف پاڻي ۽ بجلي واري وزارت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ رڳو 4 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ واري ڳالهه ڪوڙي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*