وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آءِ جي سنڌ سان ڪي اختلاف ناهن، معاملي کي اشو نه بڻايو وڃي

cm pc

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آءِ جي سنڌ سان ڪي اختلاف ناهن، معاملي کي اشو نه بڻايو وڃي، ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙن کي سنڌ سرڪار جي ڪمن تي اعتراض آهن، وزيراعظم نوازشريف ۽ عمران خان برساتي ڏيڏرن جيان سنڌ جو دورو ڪندا آهن، سنڌي عوام سان سندن ڪا همدردي ناهي.

سي ايم هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته مخالفن کي چئن سالن کان عوام جو ڪو به خيال نه هو، هاڻي چونڊون ويجهو ايندي کين سنڌ ياد آئي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي بجلي، پاڻي ۽ گيس نه ڏنو ويو ته وفاق جي گيس بند ڪرڻ واري اعلان تي قائم آهيان.

وڏي وزير چيو ته آءِ جي سنڌ سان ڪي به اختلاف ناهن، آءِ جي کي هٽائڻ سندس اختيار ۾ آهي، مخالف اجائي معاملي کي سياسي رنگ ڏئي رهيا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جا ڪراچي ۾ ڪم ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي وائيٽ پيپر ڪنهن جاري ڪرايو آهي ان سازش کي به ڄاڻون ٿا.

هن چيو ته ماڻهن کي تڪليف آهي ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ترقياتي ڪم ڇو ڪرائي رهي آهي..

ان موقعي تي لياقت جتوئي جي ساٿي ۽ دادو جي اڳوڻي نائب ناظم ظفر علي شاهه پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*