ڪوئيٽا جي مختلف علائقن ۾ 4 ڏينهن واري پوليو مهم اڄ کان شروع ٿي رهي آهي

ڪوئيٽا جي مختلف علائقن ۾ 4 ڏينهن واري پوليو مهم اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، صحت کاتي موجب مهم دوران 2 لک  19 هزار 9سئو 46 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءِ بابت ڦڙا پياريا ويندا.

صوبائي صحت کاتي موجب، ڪوئيٽا جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان 4 ڏينهن واري پوليو مهم شروع ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ 16 کان وڌيڪ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

صوبائي صحت کاتي موجب، 22 کان وڌيڪ انتهائي هاءِ رسڪ زون ۾ پوليو مهم دوران ورڪرز جي تحفظ لاءِ پوليس جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

صحت کاتي موجب، مهم دوران 2 لک  19 هزار 9سئو 46 ٻارڙن کي پوليو وارا ڦڙا پياريا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*