نوشهرو فيروز سول اسپتال ۾ ڊائلاسز سينٽر جي خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ بعد نوٽس ورتو ويو

نوشهروفيروز جي سول اسپتال ۾ ڊائلاسز سينٽر کي بند ڪرڻ واري فيصلي جي خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ جو بعد ايڊيشنل سيڪريٽري نوٽيس وٺندي دوائن جي کوٽ ختم ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سول اسپتال ۾ ڊائلاسز سينٽر ۾ دوائن جي کوٽ سبب گذريل ڏينهن  انجارچ سينٽر کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

ڊائلاسز سينٽر کي بند ڪرڻ واري فيصلي جي ڪي ٽي اين نيوز تي خبر نشر ٿيڻ جو ايڊيشنل سيڪريٽري نوٽيس وٺندي دوائون جي کوٽ ختم ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.

ڊي ايڇ او نوشهرو فيروز جو چوڻ آهي ته ڊائلاسز سينٽر ۾ دوائن جي کوٽ 24 اندر ختم ڪئي ويندي.

هن چيو ته دوائن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ايديشنل سيڪريٽري ليٽر جاري ڪيو آهي، جنهن بعد دوائن جي خريداري شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*