رياست دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي مولانا ساجد علي نقوي

شيعا علماءَ ڪائونسل جي سربراهه مولانا ساجد علي نقوي چيو آهي ته رياست دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، شڪارپور سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي وائکو نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

خانپور ڀرسان شڪارپور سانحي جي شهيد نوجوان احسان سيٺار جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي علامه ساجد علي نقوي چيو ته وفاقي توڙي صوبائي سرڪار دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

علامه ساجد علي نقوي چيو ته ظالم دهشتگردن ڪيترن ئي بيگناهه نمازين کي شهيد ڪيو، پر سرڪار هيل تائين دهشتگردن کي وائکو ناهي ڪري سگهي.

علامه ساجد علي نقوي چيو ته ملڪ جون 33 ايجنسيون وفاقي گهرو وزير جي ماتحت آهن، پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود شڪارپور سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي وائکو ناهي ڪيو ويو.

علامه ساجد علي نقوي چيو ته قومي ايڪشن پلان جوڙڻ سان عوام کي ڪوبه فائدو ناهي ٿيو، دهشتگرد جتي چاهين آساني سان ڪارروائي ڪري سگهن ٿا.

علامه ساجد علي نقوي وڌيڪ چيو ته سرڪار قومي ايڪشن پلان تي درست نموني عمل ڪرائي ۽ شڪارپور سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ آئيني جمهوري طريقي سان احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*