والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ڪيمپ تي هٿياربندن جي حملي ۾ آفيسر سميت 3 اهلڪار مارجي ويا

LOC-India-Pak-18317

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ڪيمپ تي هٿياربندن جي حملي ۾ آفيسر سميت 3 اهلڪار مارجي ويا، ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 حملو ڪندڙ به مارجي ويا، ڀارتي سڪيورٽي فورسز حريت اڳواڻ آسيا اندرابي کي گرفتار ڪري ورتو، ياسين ملڪ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا  چيو ته سرينگر ۾ ڀارتي فوج جي ڪيمپ تي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ آفيسر سميت 3 اهلڪار مارجي ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي فوج جي جوابي فائرنگ ۾ 2 هٿياربند به مارجي ويا آهن، واقعي کان پوءِ ڀارتي فوج علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب سرينگر مان ڀارتي سڪيورٽي فورسز حريت اڳواڻ آسيا اندرابي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪپواڙه واري علائقي ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 2 ڪشميري شهيد ٿي ويا آهن.

ياسين ملڪ ماٿريءَ ۾ ڀارتي ڏاڍ جي مذمت ڪئي، ڀارتي فوج ياسين ملڪ کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*