پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان ماضي ۾ ڪرڪيٽ رڪارڊ ٺاهيا ۽ هاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن

Shahbaz-sharif-51116

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان ماضي ۾ ڪرڪيٽ رڪارڊ ٺاهيا ۽ هاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، هو مٿس ڪيس ڪرڻ جو حق رکي ٿو.

هڪ انٽرويو ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته هو عدالت کي اپيل ٿو ڪري ته هاڻي صادق ۽ امين جو فيصلو ڏئي.

پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ ميرٽ کان سواءِ ڪا ٻي شئي لاڳو نه آهي، اسان سياست نه پر خدمت ڪندا آهيون.

هن چيو ته پنجاب ۾ ڪاپي ۽ رشوت جو دور ختم ٿي چڪو آهي، اسڪولي ٻارن کي به ٽيبليٽ ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته اڳ ماڻهن کي بسن جي انتظار سبب ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو هو، اورينج لائن ٽرين دنيا جو بهترين منصوبو ثابت ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*