گهوٽڪي جي اڳوڻي اي ايس پي آصف بهادر پاران امتحان دوران ڪاپي ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن نياڻين کي گرفتار ڪرڻ

mirpur wakeel pro

گهوٽڪي جي اڳوڻي اي ايس پي آصف بهادر پاران امتحان دوران ڪاپي ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن نياڻين کي گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف ميرپورخاص ۾ وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ممتاز جروار ۽ شوڪت راهمون جي اڳواڻي ۾ وڪيلن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل اڳواڻن چيو ته اي ايس پي آصف بهادر پاران امتحان دوران ٻن نياڻين کي گرفتار ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي.

هنن چيو ته اي ايس پي آصف بهادر کي ميرپوخاص بدلي ڪرڻ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، اهڙي عملدار کي برداشت نه ڪيو ويندو.

وڪيل اڳواڻن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اي ايس پي آصف بهادر کي نوڪري مان برطرف ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*