پي ٽي آءِ اڳواڻن پي آءِ ڊي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس جي اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي

naeem ul haq

پي ٽي آءِ اڳواڻن پي آءِ ڊي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس جي  اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته  حڪومت جي هڪ هٽي سان جمهوريت کي نقصان پهچندو، نواز شريف  جيترو جلد ٿئي استعيفا ڏئي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي آءِ ڊي ۾ رڳو سرڪاري عملدار ۽ وزير ئي پريس ڪانفرنس ڪري سگهن ٿا، ٻين کي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.

پي ٽي آءِ اڳواڻن پي آءِ ڊي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس جي  اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪندي گو نواز گو جا نعرا هنيا، نعيم الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت کان پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس جي اجازت گهري جيڪا نه ملي، مريم اورنگزيب کي پنهنجي رويي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته پي آءِ ڊي ۾ اسان کي پريس ڪانفرنس جو  ايترو حق آهي، جيترو نواز ليگ وارن کي آهي.

نعيم الحق چيو  ته  حڪومت جي هڪ هٽي سان جمهوريت کي نقصان پهچندو، نواز شريف  جيترو جلد ٿئي استعيفا ڏئي.

پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته سڀاڻي اسلام آباد ۾ ماڻهن جو سمنڊ هوندو، جنهن دوران نواز شريف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويندو.

نعيم الحق چيو ته هو حڪومت جي رويي جي مذمت ڪن ٿا ۽ انفارميشن ڊپارٽيمينٽ جو پئسو رڳو شريف ڀائرن تي خرچ ڪيو پيو وڃي.

پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪمران ادارن کي ذاتي ملڪيت سمجهن ٿا،پي آءِ ڊي ۾ سياسي اڳواڻن کي ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي.

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پي ٽي آءِ خط لکي اجازت گهري هئي ۽ انهن  کي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس جا ضابطا ٻڌايا هئا.

 مريم اورنگزيب چيو ته پي آءِ ڊي ۾ رڳو سرڪاري عملدار ۽ وزير ئي پريس ڪانفرنس ڪري سگهن ٿا، ٻين کي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*