ٺل ۾ چار سال اڳ قتل ٿيل فيض محمد چني جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندس پيرسن امڙ پاران احتجاج ڪيو ويو

Thul

ٺل ۾ چار سال اڳ قتل ٿيل فيض محمد چني جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندس پيرسن امڙ پاران احتجاج ڪيو ويو.

پيرسن عورت غلام فاطمه چنو پريس ڪلب اڳيان 15 هين ڏينهن به احتجاج ڪندي انصاف  جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پيرسن عورت غلام فاطمه چيو ته 4 سال اڳ وياج جي پئسن تان جوابدارن پٽ فيض محمد  کي بيگناهه قتل ڪيو، ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هن چيو ته جوابدار بااثر هئڻ ڪري کيس ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ٻن پٽن تي ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن.

پيرسن عورت غلام فاطمه آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ فيض محمد چني جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*