حيدر آباد جي نئين پل واري علائقي ۾ گيس سيلينڊر جي ڌماڪي ۾5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال سول منتقل ڪيو ويو آهي

hyd gas clyender

حيدر آباد جي نئين پل واري علائقي ۾ گيس سيلينڊر جي ڌماڪي ۾5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال سول  منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته  نئين پل جي قائمخاني هاسٽل ڀرسان گيس سلينڊر جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي جي زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گيس سلينڊر جو آهي جڏهن ته واقعي جي  وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…….

هوڏانهن هڪ شهر ي ٻڌايو ته ڌماڪو زوردار هو ڌماڪي سبب ڀرپاسي واريون عمارتون لڏي ويون ……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*