ڪنڊيارو ۾ سيپڪو ملازمن پاران ايس ڊي او سيپڪو جي زيادتين خلاف پاڪستان واپڊا هائڊرواليڪٽرڪ ورڪر ليبر يونين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

kandiyaro sepco

ڪنڊيارو ۾ سيپڪو ملازمن پاران  ايس ڊي او سيپڪو  جي زيادتين خلاف پاڪستان واپڊا هائڊرواليڪٽرڪ ورڪر ليبر يونين  پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 پاڪستان هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪر ليبر يونين جي اڳواڻن رياض هيسباڻي،خالد ڏهراج ۽ ٻين  جي اڳواڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي آفيسن جي تالابندي ڪري مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن لائين مين سليم اڄڻ ۽ آفتاب سامٽيو  بجلي جي ڊي فٽنگ بند ڪري شهر جي شهباز ڪالوني ۾ ٽرانسفارمر جو ڪم ڪري رهيا هئا،ته ايس ڊي او  ڊي فٽنگ تان بجلي بحال ڪرائي ڇڏي،جنهن سبب لائين مين زخمي ٿي پيا.

هنن چيو ته ايس ڊي او  لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي ڪيترائي ڀيرا ملازمن کي موڪلڻ بعد بجلي چالو ڪرائي آهي،جنهن سبب سوين ملازم زخمي ٿي پيا.

احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته ايس ڊي او خلاف ڪارروائي ڪرڻ تائين هو ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکندا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*