سينٽرل ڪانٽريڪٽ واري معاملي تي رانديگرن ۽ بورڊ وچ ۾ ڪو به تڪرار نه آهي شهريار خان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ واري معاملي تي رانديگرن ۽ بورڊ وچ ۾ ڪوبه تڪرار نه آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين چيو ته سينيئر رانديگرن سان مشورو ڪرڻ بعد ئي کين ٽن ميهنن جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هن چيو ته سنيٽرل ڪانٽريڪٽ معاملي ته بورڊ کي ڪنهن قسم جومسئلو نه آهي ۽ بورڊ ڪنهن به بحران واري صورتحال کي منهن نٿو ڏي.

پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ٽيم جي سينيئر رانديگرن کي ٻڌايون ويو هو ته کين ٽن ميهنن جو سنٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويندو.

شهريار خان جو چوڻ هو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي رانديگرن سان مڪل صلاح مشورو ڪيو ويو هو، جنهن تي انهن مڪمل اتفاق ڪيو هو ۽ بعد ۾ اهي ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪرڻ کان ڦري ويا.

شهريار خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو فيصلو ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کان بعد ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*