سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ پاڪستاني رانديگر محمد عامر تان پابندي ختم ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ پاڪستاني رانديگر محمد عامر تان پابندي ختم ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواست ۾ وفاق ۽ پي سي بي کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو  آهي ملڪ جو نالو بدنام ڪندڙن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ محمد عامر جي سزا گهٽائي ۽ ان کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف شهري راڻا يوسف پاران درخواست داخل ڪرائي وئي.

درخواست گذار راڻا يوسف درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ملڪ کي بدنام ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو وڃي، عامر تان پابندي ختم ڪرڻ سان راند جي چاهيندڙن کي ڏک پهتو آهي، عدالت عامر  تان پابندي ختم ڪرڻ خلاف حڪم جاري ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*