پشاور ۽ شڪارپور سانحو حڪومتن جي نااهلي آهي خواجه اظهار

سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارلياماني اڳواڻ خواجه اظهار چيو آهي ته پشاور ۽ شڪارپور سانحو حڪومتن جي نااهلي آهي، سنڌ حڪومت فوري طور تي صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ۽ امن امان جي بحالي لاءِ فوج کان مدد طلب ڪري.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته حڪومتن جي لاپرواهي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته دشمن تمام گهڻو چالاڪ آهي، جيڪو اسان کي ڪراچي ۾ ڦاسائي ٻين ضلعن ۾ ڪارروائي ڪري رهيو آهي.

خواجه اظهار چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، انڪري سنڌ حڪومت فوري طور صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ۽ امن امان جي قيام لاءِ فوج کان مدد وٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*