آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجا پاران مختلف شهرن جي 12 دي ايس پيز کي ايس پي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي آهي

ad khuwaja promotion

آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجا پاران مختلف شهرن جي 12 دي ايس پيز کي ايس پي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي آهي.

سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ڊي ايس پيز جي ترقين واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ترقي ماڻيدڙ آفيسرن کي بيج لڳايا.

ان موقعي تي  ايڊيشنل آءِ جي سنڌ آفتاب پٺهاڻ ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ولي الله دل ۽ آءِ جي آپريشن سنڌ شيراز نظير به موجود هو.

آءِ جي سنڌ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس جي بنيادي فرضن ۾ عوام جي خدمت ۽ انهن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ شامل آهي.

آءِ جي چيو ته ترقي ماڻيدڙ آفيسر پنهنجون صلاحيتون عوام جي لاءِ پيش ڪن جيئين عوام کي  تقڙو انصاف فراهم ڪري سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*