خير پور جي عدالت هنگورجا ويجھو زهر پياري قتل ڪيل ڪامران لاڙڪ جي ونيءَ سباش طاهره شاهه کي سندس بيان بعد والده سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

tahira shah

خير پور جي عدالت هنگورجا ويجھو زهر پياري قتل ڪيل ڪامران لاڙڪ جي ونيءَ سباش طاهره شاهه کي سندس بيان بعد والده سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سباش طاهره شاهه فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿي بيان ڏنو ته هو سندس والده معراج فاطمه سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي.

عدالت سباش طاهره شاهه جي بيان بعد سندس والده معراج فاطمه کان 10 لک رپين جي حفاظتي ضمانت وٺڻ کانپوءِ کيس سندس والده سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

عدالت هنگورجا ٿاڻي جي پوليس کي هدايت ڪئي ته سباش طاهره شاهه کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

واضح رهي ته سباش طاهره شاهه ۽ ڪامران لاڙڪ کي پسند جو پرڻو ڪرڻ تان 8 مهينا اڳ زبردستي زهر پياريو ويو هو، جنهن ۾ ڪامران لاڙڪ فوت ٿي ويو هو ۽ سباش طاهره شاهه کي ڊاڪٽرن بچائي ورتو هو.

جوڙي کي زبردستي زهر پيارڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ سباش طاهره شاهه جو والد سيد احسن شاهه، ڀاءُ تحسين شاهه،مراد شاهه۽ شمشاد شاهه جيل ۾ آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*