تيل ۽گئس جا اگهه مقرر ڪندڙ اٿارٽِي اوگرا پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ هڪ -هڪ رپيو في ليٽر گهٽائڻ جي سفارش ڪندي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي

Petrol-Price-28217

تيل ۽گئس جا اگهه مقرر ڪندڙ اٿارٽِي اوگرا پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ هڪ -هڪ رپيو في ليٽر گهٽائڻ جي سفارش ڪندي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، جڏهن ته ان جي حتمي منظوري ناڻي واري وزارت ڏيندي.

اوگرا پاران جاري ڪيل هڪ پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته اٿارٽي پاران پيٽرول، ڊيزل جا في ليٽر اگهه گهٽائڻ جي سفارش ڪندي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن موڪلي وئي آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ –هڪ رپيو في ليٽر تي گهٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

بيان موجب اوگرا پاران ڊيزل جي قيمت 82 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت 73  رپيا في ليٽر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اوگرا پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽائڻ واري سمري پيٽروليم واري وزارت طرف موڪلي وئي آهي، جڏهن اگهه گهٽائڻ جي منظوري ناڻي واري وزارت ڏيندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*