شوباز شريف چيو هو ته هڪ سال اندر لوڊشيڊنگ ختم نه ٿئي ته منهنجو نالو بدلائي ڇڏجو, قمر الزمان ڪائره

Qamar-Zaman-Qaira-28417

پيپلزپارٽي پنجاب پاران وزيراعظم نوازشريف جي استعيفا لاءِ ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف لاهور ۾احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته چيو  ته “شوباز شريف” چيو هو ته هڪ سال اندر لوڊشيڊنگ ختم نه ٿئي ته منهنجو نالو بدلائي ڇڏجو، نوازشريف کي 4 سال موقعو ڏنوسين پر هو لوڊشيڊنگ ختم نه ڪري سگهيو.

 پ پ پاران لاهور  ۾ اعتزاز احسن جي رهائشگاهه کان پالڪي هال تائين اعتزا ز احسن، قمر الزمان ڪائرهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي قمر زمان ڪائرا چيو  ته “شوباز شريف” چيو هو ته هڪ سال اندر لوڊشيڊنگ ختم نه ٿئي ته منهنجو نالو بدلائي ڇڏجو، نوازشريف کي 4 سال موقعو ڏنوسين پر هو لوڊشيڊنگ ختم نه ڪري سگهيو ۽ جيڪڏهن پيپلزپارٽي چاهي ها ته 2015 ۾ نوازشريف جي حڪومت ختم ٿي وڃي ها.

قمر الزمان ڪائرهه چيو ته نواز شريف جي پاليسين سبب عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي، پ پ جي احتجاج سبب لاهور مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته نون ليگ جا وزير رڳو هڪٻئي تي الزام لڳائڻ ۾ پورا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*