دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪيون پيون وڃن شرجيل انعام ميمڻ

سڌسماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سمورو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ امتياز شيخ شڪارپور سانحي جي وارثن لاءِ 50-50 لک معاوضي ۽ واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف وڙهي رهيا آهن.

هن چيو ته رڳو مسجدن ۽ امام بارگاهن لاءِ نه پر تعليمي ادارن کي به سيڪيورٽي گهربل آهي، ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارا به دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪيون پيون وڃن ۽ ملڪ ۾ آبادي جي لحاظ سان اهلڪار مقرر ٿيل نه آهن.

فنڪشنل ليگ اڳواڻ امتياز شيخ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ۽ اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور ۾ سازش تحت واقعا ٿي رهيا آهن، آرمي چيف ۽ ڪورڪمانڊر کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هن چيو ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير شڪارپور سانحي دوران ڪراچي ۾ هوندي به واقعي تي ڪن لاٽار ڪئي ۽ انهن ٻنهي کي فوري طور تي شڪارپور جو دورو ڪرڻ گهرجي.

امتياز شيخ شڪارپور سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي لاپرواهي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

هن چيو ته شڪارپور سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي ۽ فوتين جي وارثن کي 50-50لک معاوضي سان گڏ کين هڪ هڪ نوڪري ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*