نواز ليگ اڳواڻ امير مقام چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ڪي پي ڪي ۾ ڪا به ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهي آهي

Amir-Maqam-Sawat-PMLN-28417

نواز ليگ اڳواڻ امير مقام چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ڪي پي ڪي ۾ ڪا به ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهي آهي، نوازليگ حڪومت ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪيو ۽ فاٽا جي عوام کي پنهنجا حق ڏيندي.

سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي امير مقام چيو ته حڪومت فوج ۽ عوام ثابت ڪيو ته اسان دهشتگردي خلاف سڀئي متحد آهيون.

هن چيو ته عمران خان جو ڪم آئيني ادارن کي بدنام ڪرڻ آهي، عمران خان جي حڪومت ڪي پي ڪي ۾ ڪا به ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهي آهي.

هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ کي سي پيڪ جهڙو اهم منصوبو ڏنو ۽ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين.

امير مقام چيو ته پي ٽي آءِ وارا ملڪ ۾ ترقي جو سفر جاري رهڻ نٿا چاهين، انهن جو ڪم احتجاج ۽ ڌرڻا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*