اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو

Nawab-Sharif-28417

وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۾ جاري لوڊشيڊنگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي بجلي جي سپلاءِ لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙڻ ۽ بجلي جي گهرج جو درست تعين نه ڪندڙن جي نشاندهي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سپلاءِ بابت بريفنگ ڏني.

وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مهيني 866ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ مهيني وڌيڪ 400 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي.

وزيراعظم ملڪ ۾ جاري بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گذريل اجلاس ۾ ڏنل هدايتن تي عمل نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت بجلي جي سپلاءِ لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي جو جوڙڻ جو حڪم ڏنو.

وزيراعظم بجلي جي سپلاءِ ۽ ورهاست بابت هفتيوار رپورٽ طلب ڪندي بجلي جي گهرج جو صحيح تعين نه ڪندڙن جي نشاندهي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*