وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪراچي جا 5 لک سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ واري ڳالهه غلط آهي

Ch-Nisar-Karachi-Narda-Talk-28417

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪراچي جا 5 لک سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ واري ڳالهه غلط آهي، سڄي ملڪ ۾ ساڍا 3 لک سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن.

ڪراچي ۾ نادرا سينٽر جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪراچي جا 5 لک سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ واري ڳالهه غلط آهي، نادرا  سڄي ملڪ ۾ مختلف سببن ڪري   ساڍا 3 لک سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا  آهن.

وفاقي گهرو وزير چيو ته 1 لک 72 هزار بلاڪ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪيا پيا وڃن،2 لک ڪارڊ رد ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته غير قانوني ڪارڊ ٺاهيندڙ 600 ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، جن مان ڪيترن ئي ملازمن کي ملازمت مان ڪڍيو ويو آهي.

چوڌري نثار چيو ته ڪراچي ۾ جديد سهولتن وارا 2 ميگا نادرا سينٽر قائم ڪيا آهن،ايندڙ مهيني سائيٽ واري علائقي ۾ به ميگا نادرا سينٽر قائم ڪيوويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*