پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ ٺهندڙ جي آءِ ٽي اسان جي مقصد جي نه آهي ۽ سمجهون ٿا ته 19 هين گريڊ جو آفيسر وزير اعظم جو جو ڪهڙو احتساب ڪندو

Atezaz-Hasan-Lahore-28417

پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ ٺهندڙ جي آءِ ٽي اسان جي مقصد جي نه آهي ۽ سمجهون ٿا ته 19 هين گريڊ جو آفيسر وزير اعظم جو جو ڪهڙو احتساب ڪندو.

لاهور ۾ ريلي کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته اورينج لائين تي اڍائي سئو ارب خرچ ڪيا ويا ان سان شوڪت خانم جهڙيون 5 اسپتالون ٺهي سگهن پيون.

هن چيو ته مونکي يقين آهي ته عمران خان کي 10 ارب رپين جي آڇ ٿي هوندي ۽ جيڪڏهن  پاناما ڪيس ۾ يوسف رضا گيلاني هجي ها ته گهر ڀيڙو ٿي وڃي ها.

اعتزاز احسن چيو ته شريف خاندان جي ڪارخانن ۾ جادو آهي، هڪ مان 4 فيڪٽريون نڪرن ٿيون.

پ پ سينيٽر چيو ته مريم نواز چوي ٿي ته منهنجي ڪابه ملڪيت نه آهي پر سندس ڀاءُ چون ٿا ته سموري ملڪيت مريم نواز جي آهي.

هن چيو ته نواز شريف وارا چون ٿا ميان محمد شريف قطر ۾ ڪاروبار ڪيو پر اها ڳالهه واضح آهي ته ميان محمد شريف هڪ ڀيرو به قطر نه ويو.

اعتزاز احسن چيو ته جڏهن وزير اعظم کان عدالت ۾ ثبوت گهريا ويا ته چوڻ لڳا ته اسان وٽ ڪي به ثبوت نه آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*