قوم جي حمايت سان ملڪ مان هر قسم جي فسادين جو جڙ کان خاتمو آندو ويندو, آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا

Javed-Bajwa-Army-Cheif-28417آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته قوم جي حمايت سان ملڪ مان هر قسم جي فسادين جو جڙ کان خاتمو آندو ويندو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا گوجرانوالا گيريزن جي دورو ڪيو، دوري دوران خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته قوم جي حمايت سان ملڪ کي هر قسم ۽ رنگ جي فسادين کان پاڪ ڪيو ويندو.

آءِ ايس پي آر جي بيان موجب آرمي چيف کي آپريشن ردالفساد ۽ آدمشماري بابت بريفنگ ڏني وئي.

آءِ ايس پي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته دوري دوران آرمي چيف فوجي جوانن کي بلند حوصلي کي ساراهيو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پسرور ڪينٽ جو به دورو ڪيو ۽ اتي مقرر فوجي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*