سپريم ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي جي صادق ميمڻ جي نااهلي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ٺٽي مان ايم اين اي چونڊجڻ بعد ٻٽي شهريت جي الزام هيٺ نا اهل قرار ڏنل صادق ميمڻ جي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس اَصيل نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ کان اڳ ٻٽي شهريت ڇڏي هئي، تنهنڪري سندس نا اهلي ختم ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ صادق ميمڻ جي نا اهلي خلاف درخواست داخل ڪرائيندي صادق ميمڻ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس اَصيل نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ کان اڳ ئي ٻٽي شهريت ڇڏي هئي، تنهنڪري انهي الزام هيٺ سندس نا اهلي سراسر نا انصافي آهي.

هن عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس اصيل جي نظر ثاني واري اپيل تي ساڻس انصاف ڪري سندس معطل ڪيل ايم اين اي واري سيٽ بحال ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*