جماعت اسلامي پاران ڪي اي ايس سي خلاف اڄ گورنر هائوس آڏو احتجاجي ڌهرڻو هنيو پيو وڃي

Jamat-e-islami-Protest-Karachi-29417

جماعت اسلامي پاران ڪي اي ايس سي  خلاف اڄ گورنر هائوس آڏو احتجاجي ڌهرڻو هنيو پيو وڃي.

امير جماعت اسلامي چيو آهي ته جيڪڏهن پر امن ڌرڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڌرڻي کي گهيراءُ ۾ تبديل ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ هٿرادو لوڊ شيدنگ، واڌو بلنگز خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي اڄ گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هنيو پيو وڃي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمٰن چيو آهي ته  ڪي اليڪٽرڪ  کي واڌو بل، لوڊشيدنگ جو حساب ڏيڻو پوندو. کيس ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، اڄ هر حال ۾ گورنر هائوس جي ريڊزون ۾ ڌرڻو هنيو وينبدو.

حافظ نعيم الرحمٰن جو  چوڻ هوته لوڊشيڊنگ ختم ٿي سگهي ٿي پر ڪي اليڪٽرڪ جي هڪ هٺي جي ڪري اڍائي ڪروڙ عوام عذاب پئي ڀوڳي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*