ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪاروايون ڪندي 7 جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن

Karachi-Police-Sohrab-Gouth-4816

 ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪاروايون ڪندي 7 جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن، جڏهن ته ملير جي ماروي ڳوٺ ۾ ڏوهارين سان پوليس مقابلي ۾ ايس ايڇ او جو ڊرائيور مارجي ويو آهي.

پاڪستان بازار جي علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 5 جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن جن وٽان منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

شريف آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جن جي قبضي مان ٽي ٽي پسٽل ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب ملير جي ڳوٺ ماروي ڳوٺ ۾ ڏوهارين جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو ته جوابدارن پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او جو ڪار ڊرائيور مارجي ويو آهي.

پوليس موجب جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا جنهن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي.جڏهن ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*