ڏکڻ سوڊان ۾ حڪومت ۽ باغين وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي ٺاهه ٿي ويو

ڏکڻ سوڊان ۾ حڪومت ۽ باغين وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي ٺاهه ٿي ويو آهي، جنگبندي جي معاهدي باوجود اختلافي امور ۽ مستقبل جي حڪومت ۾ پاور شيئرنگ جي معاملن تي ڳالهيون جاري رهنديون.

ڏکڻ سوڊان جي صدر سَلوا ڪير ۽ باغين جي ڪمانڊر ريڪ مشار ملڪ ۾ جاري جنگبندي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ورتيون آهن.

ايٿوپيا ۾ ٿيندڙ ڳالهين بعد جنگبندي جو معاهدو عمل ۾ آيو آهي،معاهدي موجب موجوده صدر سَلوا ڪير نئين انتظاميه ۾ به صدر رهندو جڏهن ته باغي ڪمانڊر ريڪ مشار کي نائب صدر بڻايو ويندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ايٿوپيا ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ پاور شيئرنگ انتظامن بابت ٻيهر غور لاءِ ڳالهيون ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪيون ويون آهن.

واضع رهي ته ڏکڻ سوڊان ۾ جولاءِ 2013 ۾ صدر سَلوا ڪير ان وقت جي نائب صدر ريڪ مشار کي ڪابينه سميت برطرف ڪيو جنهن بعد ملڪ ۾ فساد شروع ٿيا.

 ملڪ ۾جاري فسادن دوران هيل تائين 10 هزار کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو  جڏهن ته 15 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجن اجهن کان محروم ٿيڻو پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*