جعفرآباد ويجهو ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 گهر سڙي ويا، اطلاع ڏيڻ باوجود فائربرگيڊ جي گاڏي نه پهتي

Jafarabad-Accident-21217

جعفرآباد ويجهو ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 گهر سڙي ويا، اطلاع ڏيڻ باوجود فائربرگيڊ جي گاڏي نه پهتي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪيو.

ڳوٺ نبي بخش کوسي ۾ اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ چار گهر سڙي ويا، هڪ موٽرسائيڪل، 50 مڻ ڪڻڪ ۽ ٻيو سامان سڙي ويو.

صحافين سان ڳالهائيندي متاثر ڳوٺاڻن چيو ته گهرن ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ موٽرسائيڪل، 50 مڻ ڪڻڪ ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي.

هنن چيو ته جعفرآباد جي فائربرگيڊ عملي کي ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ بابت اطلاع ڏنو ويو پر گاڏي واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

ڳوٺاڻن حڪومت ۽ مقامي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته سندن مالي مدد ڪري کين مالي پريشانين کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*