احتساب عدالت ۾ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن پاران 462 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل پاران دليل جاري آهن

Dr-Asim-Court-Case-29417

احتساب عدالت  ۾ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن پاران 462 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل پاران دليل جاري آهن.

احتساب عدات ۾ ڊڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيل پاران دليل ڏيندي عدالت کي درخوست ڪئي ته سندن موڪل خلاف 3 درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن جنهن مان ڪجهه ڪيس ٻڌڻي لائق نه آهن پهرين ان درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وڃي.

عدالت ٻاهران  ميڊيا سان ڳالهائيدي ڊاڪٽر عاصم چيوته  شهر ۾ ڪوئلي جي سپلائي انٽرنيشنل طريقي سان نه پئي ڪئي وڃي جنهن ڪري شهر ۾ هر جڳهه تي ڪوئلي جي ڪرڻ سبب شهر موئن جي دڙي ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته ڪراچي سان تمام وڏو ظلم ٿي رهيو آهي ڪوئلو کڻي ويندڙ ٽرالر بند نه هئڻ ڪري  هر جڳهه تي ڪوئلي جا ٽڪراڪيرايا پيا وڃن.

ڊائريڪٽر انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي سان رابطو ڪيو پر ڪو جواب ناهي ڏنو ويو جنهن ڪري هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو ويندو.

ڊاڪتر عاصم چيو ته جهڙي طريقي سان ڪوئلو کنيو پيو وڄي اهو سڄي ملڪ لاءِ نقصاننڪار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*