ٺل ۾ نادرا جي مبينا زيادتين خلاف ايس يو پي طرفان احتجاجي مظاهروڪري نعريبازي ڪئي وئي

Thul-Nadra-Protest-29417

ٺل ۾ نادرا جي مبينا زيادتين خلاف ايس يو پي طرفان احتجاجي مظاهروڪري نعريبازي ڪئي وئي.

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ڪارڪنن نادرا عملي جي مبينا زيادتين خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته  ٺل جي نادرا عملي سينٽر ۾ ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي هر ڪم تي رشوت وصول ڪن ٿا.

هنن چيو ته نادرا سينٽرجوعملو ماڻهن کي ڏينهن جا ڏينهن رلائي دربدر ڪري کين ايجنٽن سان رابطو ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*