ڳڙهي ياسين ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران شڪارپور -ڳڙهي ياسين روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو

ghariyasin pro

ڳڙهي ياسين ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  وارثن پاران شڪارپور -ڳڙهي ياسين روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

هٿيار بندن هٿان گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان ممتاز علي معرفاڻي جي وارثن نوجوان جو لاش ڳڙهي ياسين شڪارپور روڊ تي رکي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي مقتول نوجوان جي والد غلام سرور معرفاڻي  ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندس پٽ کي بروهي برادري جي هٿيار بندن گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*