تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ قطري شهزادي جي خط کي ڪچري جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي

imran khan tweet

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ قطري شهزادي جي خط کي ڪچري جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، قطري خط رد ٿيڻ سان ثابت ٿي ويو ته وزيراعظم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ڪراچي شهر کي حڪمرانن ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل ويڊيو بيان ۽ سماجي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته ڪوڙ ڳالهائندڙ شخص ملڪ جو وزيراعظم نٿو ٿي سگهي، کيس جلد استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ قطري خط کي ڪچري جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، قطري خط رد ٿيڻ سان ثابت ٿي ويو ته وزيراعظم ڪوڙ ڳالهايو آهي، گو نواز گو تحريڪ ۾ شرڪت تي عوام جو ٿورائتو آهيان.

هن چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو، شهرين کي بنيادي سهولتون کان محروم آهن.

عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ مارچ جو مقصد شهر جا مسئلا اجاگر ڪرڻ آهي، حڪمرانن ڪراچي شهر کي گندگي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته 30 کان 35 سال اڳ ڪراچي شهر اڄ کان ڪافي بهتر هو، جيستائين ڪراچي شهر جا ماڻهو ٻاهر نه نڪرندا، تيستائين شهر جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ بهتري نه ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*